ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس جاري،وڌيڪ 84 ماڻهو فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 84 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد وائرس وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 21 هزار 189 ٿي ويو، اين سي او سي موجب ڪورونا جا هڪ هزار 923 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 30 هزار 511 ٿي ويو، ڪورونا جا 8 لک 60 هزار 385 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب به ڏئي چڪا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح 3.81 سيڪڙو رهي، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 لک 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي، جنهن بعد هيل تائين ويڪسين 82 لک 63 هزار کان وڌيڪ ويڪسين لڳائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔