سنڌ پوليس جي وردي تبديل ڪرڻ وارو معاملو رولڙي جو شڪار

ڪراچي: سنڌ پوليس جي وردي تبديل ڪرڻ وارو معاملو رولڙي جو شڪار، آءِ جي جي درخواست بعد اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي وردي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي منظوري بعد سمري حڪومت حوالي ڪئي وئي آھي، سمري ۾ چيو ويو آھي تھ پوليس ۽ اَي اِي ايف جي يونيفارم ساڳي آهي، جنهن ڪري مونجھارو پيدا ٿئي ٿو، آءِ جي سنڌ ايَ ايِ ايف جي وردي تبديل ڪرڻ لاءِ 2 دفعا گذارش ڪري چڪو آھي، ڊائريڪٽر طارق ڌاريجو جو چوڻ آھي تھ سليڪشن ڪميٽي طرفان يونفارم جو رنگ برائون چونڊيو ويو، يونيفارم جا سيمپل حڪومت کي اماڻيا ويا آهن، منظوري ملڻ بعد سنڌ ڪابينا منظوري ڏيندي، منظوري بعد اهلڪار فيلڊ ۾ نئين وردي سان نظر ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔