سنڌ ۾ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي بابت ادارا ٺاھڻ جو فيصلو

ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ جي صدارت ھيٺ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي بابت اجلاس ٿيو ويو، اجلاس ۾ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي بابت ادارا ٺاھڻ جو فيصلو، ھي ادارا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ھلايا ويندا، سنڌ حڪومت پاران فنڊ سميت ٻيون سھولتون ڏنيو وينديون جڏھن ته پرائيويٽ ادارا مينيجمينٽ سنڀاليندا، چيف سيڪريٽري پاران ڊائريڪٽر پبلڪ پرائيويٽ کي ضروري ڪاغذ ٺاھڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، ممتاز علي شاھ جو چوڻ آھي تھ منشيات جي عادي ماڻھون بہ سماج جو حصو آھن انھن جي بحالي تي به توجه ڏني ويندي، منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي سان اسٽريٽ ڪرائيم تي قابو پائڻ ۾ مدد ملندي، پھرين کان موجود ادارن کي ھڪ جھڙو علاج ۽ ٽيڪنيڪل ڪورس ڪرائڻ تي پابند ڪيو ويندو، انھن بحالي واري ادارن کي سندھ ہيلتھ ڪيئر ڪميشن جي تحت رجسٽرڊ ڪيو ويندو، منشيات جي عادي ماڻھن کي ٽيڪنيڪل ڪورس ڪرايو وڃي ٿو پر بيروزگاري سبب ٻيھر نشي جي طرف اچن ٿا، اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آئي جي اسپيشل برانچ، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔