سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف مختلف شھرن ۾ مظاھرا

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ ۽ بجلي جي بندش خلاف سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ پيپلز پارٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي اڳواڻيءَ ۾ جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، پ پ جون عورت اڳواڻ ۽ ڪارڪن به شريڪ ٿيون، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ڪارڪنن طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ارسا پاران صوبن وچ ۾ پاڻي جي شفاف ورڇ نه ڪرڻ تي ارسا چيئرمين کي تڪراري قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ارسا چيئرمين کي فوري طور هٽائي سنڌ مان ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي غير آئيني طور تي وهايا ويندڙ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجنند لنڪ ڪئنال بند ڪيا وڃن ۽ پاڻي معاهدي تحت پڇڙي واري صوبي سنڌ کي پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي ڏنو وڃي. ھن چيو تھ شهباز شريف کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسين سنڌ ۽ پنجاب جي عوام جو جهيڙو نه ٿا چاهيون، اسين ارسا کان پاڻي جي شفاف ورڇ چاهيون ٿا ۽ ارسا پنهنجي اها ذميواري ادا نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ٺاهڻ ۽ ملڪ کي بچائڻ واري سنڌ آهي پر سنڌ سان پاڻي، ناڻي ۽ ٻين معاملن تي زيادتي ڪري ڇا سنڌ کي ملڪ ٺاهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي؟ هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ بجلي بند ڪري ملڪ سان دشمني ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ صوبو آهي. هن چيو ته تونسا کان وٺي گڊو تائين غيرقانوني واٽر پمپ لڳائي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي ۽ ارسا اُها چوري بند ڪرائڻ بدران خاموشي ڇو آهي؟ هن چيو ته پاڻيءَ تي پهريون حق پڇڙي واري صوبي سنڌ جو حق آهي ۽ سنڌ کي پنهنجو پاڻي ڏئي ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ايم اي ايف پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ مان شايد واقف ناهي پر سندس سرپرست آمر پرويز مشرف سنڌ جي عوام مان واقف هو ان ڪري سنڌ جي عوام آمر کي به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو ۽ هاڻي سليڪٽيڊ وزيراعظم ڪهڙي شيءَ آهي ۽ سنڌ جو عوام پاڻي جي زيادتي تي عمران خان کي به جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ حقن لاءِ مزاحمت ۽ جنگ ڪنداسين پوءِ سنڌ خاطر پگهر ته ڇا رت به وهائڻي پوي ته اها به وهائينداسين پر سنڌ جي حقن تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته وفاق جي ناڪام پاليسين سبب وفاقي حڪومت صوبن جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش پئي ڪري جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان صوبن کي حق نه ٿو ڏياري سگهي ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهي ته کيس وزيراعظم جي عهدي تي به رهڻ جو ڪو حق ناهي. نثار کهڙو چيو ته ارسا تربيلا مان وقت کان اڳ پاڻي جاري ڪري پاڻ پاڻي ضايع ڪرايو ۽ هاڻي پاڻي ضايع ڪرڻ جو الزام سنڌ تي هڻي ارسا پنهنجي ناڪامي لڪائي سنڌ تي ڪوڙا الزام هڻي رهي آهي. ان موقعي تي پي پي پي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر خورشيد احمد جوڻيجو چيو ته وفاق جي سنڌ سان پاڻي جي معاملي تان زيادتي ملڪ سان زيادتي جي برابر آهي، وفاق ۾ ويٺل نيازي سرڪار سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ کي بنجر بڻائڻ چاهي ٿي ۽ بجلي لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي ماريو پيو وڃي.، نوشھروفيروز، دادو، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ ٻين مختلف شھرن ۾ پاڻي کوٽ خلاف مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا، آبادگارن جو چوڻ ھو تھ ھٿ سان سنڌ جي زمينن کي بنجر ڪيو پيووڃي. پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔