سعودي عرب ۾ هزارين ماڻهن نيڪ خواهش جا پيغام لکي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

رياض: سعودي عرب ۾ 9،610 ماڻهن نيڪ خواهش جا پيغام لکي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو، سندن اهو ڪارنامو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سعودي عرب جي جده واري ساحلي شهر جي هڪ مقامي شاپنگ مال ۾ ، نيڪ تمنائن جا ڪارڊ ڀتين تي لڳايا ويا، هن منفرد رڪارڊ کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ درج ڪيو ويو. سعودي عرب ۾ ان رڪارڊ ٺهڻ تي ماڻهن خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي ريت هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان سماج ۾ هاڪاري لاڙا پيدا ٿي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔