ڪراچي: سنڌ هائڪورٽ چيئرمين اسٽيوٽا کي آفيس ۽ گاڏيون استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو!

ڪراچي: چيئرمين سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اٿارٽي (اسٽيوٽا) جي مقرري واري معاملي ۾ سنڌ هائڪورٽ چيئرمين اسٽيوٽا سليم رضا جلباڻي کي آفيس ۽ سرڪاري گاڏيون استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت چيو ته چيئرمين اسٽيوٽا تعليمي ماهر نه پر سياسي شخصيت آهي، ڪهڙي قانون تحت هڪ سياسي شخصيت کي چيئرمين بڻايو ويو آهي؟ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کان وضاحت طلب ڪئي. عدالت چيو ته اسٽيوٽا هڪ تعليمي ادارو آهي ، چيئرمين هڪ تعليمي ماهر هجڻ گهرجي، عدالت چيو ته ڪهڙي قانون تحت چيئرمين اسٽيوٽا چار يا پنج لگزري گاڏيون استعمال ڪري رهيو آهي؟عدالت چيف سيڪريٽري ۽ ايم ڊي اسٽيوٽا کي 16 آگسٽ تائين عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي پاسي سليم رضا جلباڻي جو چوڻ آھي تھ مون وٽ ھڪ سرڪاري گاڏي آھي، جيڪا چيئرمين اسٽيويٽا طور ملي آھي، عدالت کي ڪنھن غلط آگاھ ڪيو ھوندو، ڪنھن بہ سرڪاري آفيسر کي 4 يا 5 گاڏيون ناھن ڏنيون وينديون، عدالتي حڪمن بعد اسٽيويٽا ۾ تمام گھڻي بھتري آئي آھي، ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي عدالت کي حقيقتن کان آگاھ ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔