سرڪاري آفيسر تي اثرانداز ٿيندڙ چونڊيل نمائندو صادق ۽ امين نٿو رهي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر

سکر: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر چيو آھي تھ جيڪو آفيسر سياستدانن جي غلامي ڪري، اُهو نوڪري ڪرڻ جي لائق ئي ناهي، سرڪاري آفيسر تي اثرانداز ٿيندڙ چونڊيل نمائندو صادق ۽ امين نٿو رهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ گهوٽڪي جي اڳوڻي ميونسپل چيئرمين اصغر شاهه ڪيس جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ پاران ريمارڪس ڏنا ويا، ڄام اڪرام الله ڌاريجو بابت ريمارڪس واپس وٺڻ جي استدعا رد، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته اسان ڪنهن هڪ سياستدان لاءِ ناهي چيو، ائنٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر پاڻ مڃيو آهي ته سياستدانن وٽ وڃي نيازمندي ڪئي آهي، عدالت کي آگاهي ڏيندي ائنٽي ڪرپشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته مامري جي جاچ شروع ڪئي ته ريڊ کي هٽايو ويو، جاچ آفيسر مقرر ڪيو ته اُن کي به هٽايو ويو، هاڻي مون کي به هٽائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، منير کهڙو جي بيان تي عدالت طرفان سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار، ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔