ڪلفٽن ۾ دستي بم ڌماڪو، سيڪيورٽي گارڊ زخمي

ڪراچي؛ ڪلفٽن ۾ مشهور عمارت آئيڪون ٽاور ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن دستي بم اڇلايو، جنهن سان سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو. بم ڊسپوزل يونٽ اختيارين واقعي بابت شروعاتي رپورٽ ڏيندي چيو ته دستي بم بن قاسم پارڪ جي ويجهو هڪ عمارت جي داخلا وٽ اڇلايو ويو، دستي بم امريڪي ساخت جو هو، جنهن کي آر جي ڊي فائيو جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. بم جو وزن 500 گرام هوندو آهي جنهن ۾ 65 گرام بارود هوندو آهي. اهو بم 10 ميٽرن جي آس پاس انساني جان جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔