مبارڪپور: ارڙيءَ تباهي مچائي، هڪ ئي ڳوٺ جا 20 ٻار مبتلا

مبارڪپور: يوسي بھادرپور جي ڳوٺ قابل گبول ۾ ارڙي تباھي مچائي ڇڏي، هڪ ئي ڳوٺ جا 20 ٻار ارڙيءَ ۾ مبتلا ٿيل. هيل تائين مبارڪپور ۽ ڀر پاسي 10کان مٿي معصوم ٻار ارڙي سبب زندگي جي جنگ هاري چڪا آهن. ڳوٺ قابل گبول ۾ جيڪي ٻار ارڙي ۾ مبتلا آهن تن ۾ 5مهينن جي مائره گبول، 6 سالا نينگري بختاور. 6 سالا زڪيا گبول، 1 سال جي سائره، ستن مهينن جو احمد علي گبول، 4 سالا وزيرعلي گبول ،5سالا ميرل گبول، 5 سالا عاشق علي، 3 سالا محمد اويس، 4 سالا ريشمان، 3سالا نعمان علي، 3سالا ريحان حسين ۽ ھڪ سال جو معصوم محمد ادريس شامل آھن. ڳوٺ قابل گبول جي ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت ۽ ڊي ايڇ او جيڪب آباد ۽ اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته جلد نوٽس وٺي ويڪسين ڪرائي وڃي ۽ سندن معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔