ڪورونا وائرس جو نئون انتهائي خطرناڪ قسم دريافت

هنوئي : ويٽنام ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ نئين تبديل ٿيل قسم سامهون آيو آهي، جنهن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو پيو وڃي.
اهو نئون قسم ڀارتي ۽ برطانوي ڪورونا وائرس جي قسمن جي ميلاپ سان وجود ۾ آيو آهي.
ويٽنامي صحت واري وزارت چيو آهي ته ان نئين تبديل ٿيل ڪورونا وائرس جو جينياتي ڪوڊ جلد دستياب ٿي ويندو.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اهو وائرس هوا ذريعي پکڙجڻ جي اهليت رکي ٿو.
واضح رهي ته 2019 ۾ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا آئي هئي، جنهن کانپوءِ ان وائرس جا ڪيترائي تبديل ٿيل قسم سامهون اچي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔