چيلسي، مانچسٽر کي هارائي چيمپيئنز ليگ کٽي ورتي

پورٽو : چيمپيئز ليگ جي فائنل ۾ انگلش ڪلب چيلسي پنهنجي ئي ملڪ جي ڪلب مانچسٽر سٽي کي 0-1 تان شڪست ڏئي اهو اهم يورپي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ڇنڇر جي رات پرتگال جي شهر پورٽو ۾ کيڏيل ان ميچ جو اڪيلو گول 42هين منٽ ۾ ڪائي هائيورٽس ڪيو.
چيلسي ان ڪاميابيءَ سان ٻيو ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي پر جيڪڏهن مانچسٽر سٽي ڪلب ڪاميابي ماڻي ها ته اهو ان جو پهريون ٽائيٽل هجي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔