ڀارتي آرمي چيف پاڪستان پاران امن لاءِ ڪيل ڪوششن جو اعتراف ڪري ورتو

نئين دهلي: ڀارتي آرمي چيف پاڪستان جي امن وارين ڪوششن جو اعتراف ڪري ورتو.ڀارتي آرمي چيف چيو آهي ته پاڪ ڀارت جنگبندي سان امن جي احساس کي هٿي ملي. پاڪستان امن جو حامي آهي هاڻ اهو ڀارت به مڃي ورتو آهي. ڀارت جي آرمي چيف ايم ايم نرواني هڪ نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول سان گذريل ٽن مهينن کان ڀارتي ۽ پاڪستاني فوج وچ ۾ جنگبندي قائم رهڻ سان امن ۽ سلامتي جي احساس کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي.هن وڌيڪ چيو ته هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ طرف پهريون قدم آهي. ڀارت جنگبندي کي جاري رکڻ چاهي ٿو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ بهتري اچي سگهي. انٽرويو ۾ ڀارتي آرمي چيف لداخ ۾ چين سان جاري صورتحال تي چيو ته ڇڪتاڻ ۾ فوري طور تي گهٽتائي ناهي اچي رهي امن جي لاءِ وڌيڪ اعتماد تي ٻڌل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔