برطانوي وزيراعظم بورس جانسن پنهنجي دوست سان سان ڳجهي شادي ڪري ورتي

لنڊن: برطانوي وزيراعظم بورس جانسن پنهنجي دوست سان ڳجهي شادي ڪري ورتي آهي.برطانوي وزيراعظم جي شادي بابت دعويٰ ڪندي برطانوي ميڊيا چيو آهي ته بورس جانسن جي اها ٽئين شادي آهي جڏهن ته سائيمنڊ جي پهرين.ميڊيا رپورٽ موجب بارس جانسن ٽئين شادي ويجهن دوستن ۽ مائٽن جي موجودگي ۾ ڪئي. هن تقريب ۾ مختصر 30 ماڻهن کي گهرايو ويو هو جيڪي برطانيه ۾ ڪورونا پابندين جي تحت مهمانن جو وڌ کان وڌ انگ ٿي سگهي ٿو.ميڊيا رپورٽن موجب فادر ڊينيئل همفريز اها شادي ڪرائي ۽ ان ۾ ٿوري انگ ۾ چرچ اختيارين به شرڪت ڪئي. ياد رهي ته بورس جانسن جي پهرين شادي مرينه سان ٿي جنهن مان کيس 2 پٽ ۽ 2 ڌيئرون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔