حليم عادل شيخ جي وزيراعظم سان ملاقات، آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪري آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حليم عالد شيخ وزيراعظم کي سنڌ ۾ پاڻي صورتحال ۽ امن امان بابت آگاهي ڏني. حليم عادل شيخ چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي سردارن جي حمايت نه ڪرڻ تي هٽايو ويو. سنڌ ۾ سياسي بنيادن تي بدليون ڪيون پيون وڃن، سنڌ پوليس مڪمل طور سياسي ٿي چڪي آهي، تنهنڪري آءِ جي سنڌ کي فوري طور هٽايو وڃي. حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بااثر ماڻهو پاڻي چوري ۾ ملوث آهن، پاڻي کوٽ جي سنڌ حڪومت پاڻ ذميوار آهي، سنڌ ۾ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ وفاق ارسا جا انسپيڪٽر مقرر ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔