ڊي ايڇ اي ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ جو ڪي ايم سي کان خراب حال آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مينهن دوران ڊيفنس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) ۽ ڪلفٽن وارا علائقا ٻڏڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي تي ريمارڪس ۾ چيو ته شهر ٻڏي ويو هو ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مينهن دوران ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن وارا علائقا ٻڏڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت لاڳاپيل ادارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪو حال ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي جو آهي، ڊي ايڇ اي ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ جو ان کان به خراب حال آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ٻڏي ويل علائقن ۾ مختلف اين جي اوز ماڻهن جون مدد ڪري رهيون هيون. ڪنٽونمنٽ بورڊ جي وڪيل جو چوڻ حو ته مينهن دوران شهباز ڪمرشل ۽ ٻين علائقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي سڀ کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيو. عدالت ڊي ايڇ اي ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ ڪلفٽن کان 4 جون تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت حڪم ڏنو ته ٻڌايو وڃ مستقبل ۾ شهر جي پوش علائقن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا بندوبست ڪيا پيا وڃن؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔