نيب ڪرتارپور راهداري منصوبي تي وزيراعظم خلاف ريفرنس ٺاهي: احسن اقبال

اسلام آباد: مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ڪرتارپور راهداري منصوبو ضابطن جي خلاف بڻايو ويو، قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ جرعت آهي ته وزير اعظم ۽ منصوبابندي جي خلاف ريفرنس ٺاهي؟ اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان ڪابينا کان 17 ارب رپين جو اين آر او حاصل ڪري ورتو آهي، منصوبي جو ٽينڊر هجي ها ته پنج ارب رپين جي بچت ٿي پئي سگهي، ن ليگ پنهنجي دور ۾ ورتل قرضن جي پائي پائي جو حساب هر فورم تي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته حڪومت نه هلي ۽ ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، موجوده حڪومت سمورا قرض خسارو پورو ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيو جيڪو عمران نيازي جي نااهلي ۽ ناڪامي جي ور چڙهي ويو. سندس چوڻ هو ته ٽن سالن ۾ توهان مافياز کي پاليو، حڪومت هنن سان ڪيئن ٿي وڙهي سگهي، ننڍي چونڊ ۾ ناڪامي کان پوءِ شڪست نظر پئي اچي، حڪومتي صلاحڪار چئي رهيا آهن ته معيشت ٽيڪ آف ڪري وئي، جيڪڏهن مهانگائي جو ٽيڪ آف ڪرڻ معيشت جو ٽيڪ آف ڪرڻ آهي ته توهان سهي چئي رهيا آهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔