اينٽي ڪرپشن رنگ روڊ اسڪينڊل تي جاچ شروع ڪري ڇڏي

راولپنڊي: اينٽي ڪرپشن راولپنڊي رنگ روڊ اسڪينڊل تي جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن جي ترجمان موجب ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب محمد گوهر جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي جيڪا قانوني، ٽيڪنيڪي ۽ معاشي ماهرن تي ٻڌل آهي. ترجمان ٻڌايو ته جاچ ٽيم اسڪينڊل جي جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ مڪمل جاچ کان پوءِ اسڪينڊل جون سموريون حقيقتون عوام جي آڏو رکيو وينديون. خيال رهي ته راولپنڊي رنگ روڊ اسڪينڊل انڪوائري مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اِها ڳالهه آڏو آئي آهي ته رنگ روڊ جي اصل نقشي کي تبديل ڪيو ويو ۽ ان ۾ وڌيڪ نوان رستا شامل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔