عمران خان جهڙا تجربا ٿيندا رهيا ته پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اشرافيا ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت هر هڪ جي آمدني وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ پراڻي مردم شماري جا انگ اکر استعمال ڪيا، عمران خان مسلسل ڪوڙ ۽ غلط بياني سان معاشي تباهي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران جي ايمانداري جو ڪوڙو تاثر قائم ڪيو ويو، حقيقت اها آهي ته پي ٽي آءِ جي اشرافيا ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهي آهي، ملڪ ۾ جيستائين عمران خان جهڙا تجربا ٿيندا رهندا، پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو. سندس چوڻ هو ته هڪ زرعي ملڪ جي رڳو غذائي جنسن جي درآمدي بل ۾ 53 سيڪڙو تائين واڌ حڪومتي ڪارڪردگي تي هڪ چماٽ آهي، عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا، انهن مان هڪ به پورو نه ڪيو، عمران خان 90 ڏينهن ۾ ملڪي معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو چيو هو، اڄ هڪ هزار 11هون ڏينهن آهي، ملڪي معيشت ڪڏهن ٺيڪ ٿيندي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔