اسٽيٽ بينڪ معاشي ترقي واري حڪومتي دعويٰ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان معاشي ترقي واري حڪومتي دعويٰ جي تصديق ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بينڪ موجب مالي سال 2021ع ۾ معاشي اوسر 3 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿي وئي، 17 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪاونٽ کاتو سرپلس ٿيو. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 4 سالن ۾ بلند ترين آهن، ڪورونا کان پوءِ بحالي جون سرگرميون زور پڪڙي رهيون آهن، بحالي جي عمل کي پاليسي رسپانس تيز ڪيو آهي. اسٽيٽ بينڪ موجب احساس پروگرام جي ذريعي پٺتي تي پيل طبقي کي سهڪار فراهم ڪيو ويو، معاشي بحالي لاءِ اسٽيٽ بينڪ به 20 کرب جي ٽارگٽ سبسڊي ڏني. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اصل ادائيگي تي ڇوٽ ڏني، وياج جي شرح گهٽ ڪئي، قرض ري شيڊول ڪيا، بيروزگاري روڪڻ لاءِ پي رول فنانس اسڪيم ڏني جڏهن ته صنعت ۽ صحت منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سستا قرض ڏنا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔