ملڪ جي مختلف حصن ۾ تعليمي سرگرميون ۽ سياحت بحال

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي هدايتن ۽ اعلان موجب ملڪ جي مختلف حصن ۾ تعليمي ۽ سياحتي سرگرميون مرحلي وار بحال ٿي ويون آهن. اين سي او سي جي اعلان جي روشني ۾ پنجاب جي 16، خيبر پختونخواهه جي 21 ۽ بلوچستان ۾ ڪوئيٽا کانسواءِ سڀني ضلعن ۾ تعليمي ۽ سياحتي سرگرميون ايس او پيز سان بحال ٿي ويون آهن، جڏهن ته اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ پابنديون برقرار آهن. اين سي او 19 مئي تي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ 5 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ 24 مئي کان آئوٽ ڊور ريسٽورنٽس ۽ تعليمي ادارن سميت ٻين شعبن کي مرحلي وار کولڻ جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔