ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج ۽ رينجرز کان مدد ورتي وڃي: خرم شير زمان

ڪراچي: پي ٽي آءِ جي ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج ۽ رينجرز کان مدد ورتي وڃي. سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته جيڪڏهن ڌاڙيل پوليس کان ڏاڍا آهن ته رينجرز ۽ فوج گهرائي آپريشن ڪيو وڃي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته شڪارپور جي ڪچي ۾ حالتون خراب آهن، نوجوان ايس ايس پي مگسي آيو آ، جيڪو اچڻ سان ئي ميدان تي لٿو آهي، هن چيو ته ايس ايس پي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ڪچي ۾ ويو، ايس ايس پي ۽ شهيد اهلڪارن ۽ شهيد صحافي کي سلام پيش ڪيون ٿا. صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته امجد شيخ، ناصر آفتاب ۽ سعود مگسي بهادر آفيسر آهن، انشاءَ الله اهائي سنڌ پوليس ڌاڙيلن کي نه ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔