وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ ناڻي وارو وزير شوڪت ترين به گڏ هئا.

آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، ،ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سندس آجيان ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي ملڪي سڪيورٽي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔