مهانگائيءَ تي ضابطو نه آيو، 25 شين جا اگهه وڌيڪ چڙهي ويا

اسلام آباد: هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جي گوشت، بصر، بيضي، کنڊ ۽ اٽي سميت 25 شين جا اگهه وڌيڪ چڙهي ويا. ڳڻپ واري اداري مهانگائي تي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ڪڪڙ جي في ڪلو گوشت ۾ 36 رپيا 78 پئسا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ان جي سراسري قيمت 325 رپيا 50 پئسا ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب هفتي دوران کنڊ 3 رپيا 22 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي، جنهن سان ان جي سراسري قيمت 99 رپيا 22 پئسا ٿي وئي، جڏهن ته 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي سراسري قيمت 33 رپيا 49 پئسا وڌي 1145 رپيا 84 پئسا تائين ٿي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران ڪيلو 15 رپيا 83 پئسا في درجن، بيضا 7 رپيا 60 پئسا في درجن، بصر 2 رپيا في ڪلو، ڳائو گوشت 10 رپيا 51 پئسا في ڪلو ۽ ٻاڪرو گوشت 12 رپيا 49 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، ان کانسواءِ چڻن جي دال، تازي کير، ڏهي ۽ چانورن جي اگهن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. هڪ هفتي دوران 7 عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽ ٿيا، جن ۾ ٽماٽو، مڱن جي دال، مهري جي داخل به شامل آهي، جڏهن ته 19 ضروري شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔