خبر آ ته ووٽ لاءِ به عوام وٽ وڃڻو آهي: غلام سرور خان

راولپنڊي: هوابازي بابت وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته وزيراعظم رنگ روڊ رٿا تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور خان چيو ته رنگ روڊ رٿا سان ڪو واسطو ناهي، ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته نوان سٽي سميت سموريون سوسائٽين کي ضابطن تحت اين او سي ڏنيون ويون. هن چيو وزيراعظم به چئي ڇڏيو آهي ته رٿا تي ڪم نه بيهڻ گهرجي، عمران خان هن ئي سال رنگ روڊ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ بجيٽ عوام جي بهتري لاءِ هوندي، پي ٽي آءِ کي اڃا وڌيڪ ٻه بجيٽون ڏيڻيون آهن، اسان کي خبر آهي ته ووٽ لاءِ به عوام وٽ وڃڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔