چمن ۾ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل 7 ڄڻن جا مڙهه مختلف قبرستانن ۾ دفنايا ويا

چمن: بلوچستان جي علائقي چمن ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويل 7 ڄڻن جا مڙهه مختلف قبرستانن ۾ دفنايا ويا، ڪوئيٽا ۽ چمن جي اسپتالن ۾ 10 کان وڌيڪ زخمين جو علاج جاري، سي ٽي ڊي جي مدعيت ۾ ڌماڪي جو ڪيس داخل، ڪيس ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته چمن ڌماڪو موٽر سائيڪل ۾ نصب بارودي مواد ذريعي ٿيو، ڌماڪي ۾ 10 ڪلو کان وڌيڪ بارودي مواد ۽ بال بيئرنگ استعمال ڪيا ويا، ڌماڪي بعد ڀرپاسي جي علائقن ۾ بند ٿيل رستا کوليا ويا، ٽرئفڪ بحال ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔