وائيس آف سنڌ جي اهتمام هيٺ فلسطيني ۽ ڪشميري مسلمانن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ڪامياب مزاحمتي مشاعرو

ڪراچي: وائيس آف سنڌ جي اهتمام هيٺ 22 مئي تي فلسطيني ۽ ڪشميري مسلمانن سان ٻڌي طور ڪامياب مزاحمتي مشاعرو ڪرايو ويو جنهن جي صدارت ناليواي شاعر انور شعور ڪئي.

مهمان شاعرن ۾ فاضل جميلي ، علاوالدين خانزاده، ّخالد معين، عثمان جامعي ، هدايت سائر، ڊاڪٽر عنبرين طارق ، نديم ناجد ۽ ٻيا شامل هئا .

مشاعري جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ ملڪ جي ناليواري سياستدانن شرڪت ڪئي، جن ۾ سينئر سياستدان ڊاڪٽر فاروق ستار، ارشد وهرا، ايم پي اي شهزاد قريشي ۽ عديل احمد شامل هئا.

مختلف فڪرن سان لاڳاپيل شخصيتن سان گڏ شهرين جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي .

وائيس آف سنڌ جي سرپرست اعليٰ ناليواري ماهر تعليم ۽ سياستدان حنيد لاکاڻي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت جي ڀرپور مذمت ڪئي ، هن مزاحمتي مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ تي شاعرن سميت مڙني ماڻهن جا ٿورا مڃيا .

تقريب جي ميزباني جا فرض ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر هدايت سائر انجام ڏنا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔