عمران خان تي اعتماد نه ڪندڙن لاءِ پارٽي ۾ ڪابه گنجائش ناهي:شاھ محمود قريشي

اسلام آباد: عمران خان تي اعتماد نه ڪندڙن لاءِ پارٽي ۾ ڪابه گنجائش ناهي، اسان جا چونڊيل نمائندا عمران خان جِي ڊسيپلين جا پابند آهن، اعتماد جِي ووٽ ۽ فنانس بل تي ڪوبه اڳواڻ پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي نٿو ڪري سگهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين جو نالو کڻڻ بنا چيو آهي ته توهان عمران خان کي ليڊر مڃو ٿا ته اُن جي فيصلن تي راضپو به ظاهر ڪرڻو پوندو، وزيراعظم سندن خواهش تي علي ظفر کي جاچ جي ذميواري ڏني، جيڪو وزيراعظم آڏو رپورٽ پيش ڪندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جهانگير ترين ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، فنانس بل جي منظوري دوران عمران خان کي ئي ووٽ ڏيندو، پارٽي ۾ هلڪي ڦلڪي ٽُڪ ٽڪ هلندي رهندي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔