تعليمي ادارا، شادي هالز ۽ ريسٽورينٽس کولڻ جي اجازت

اسلام آباد: اين سي او سي ڪورونا پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 24 مئي کان ايس او پيز تحت سياحت کولڻ جي اجازت ڏني وئي. ريسٽورينٽس ۽ هوٽلن ۾ آئوٽ ڊور ڊائيننگ جي رات 12 وڳي تائين اجازت هوندي. جڏهن ته ٽيڪ اوي جي سهولت 24 ڪلاڪ ڪئي وئي آهي. اين سي او سي موجب 5 سيڪڙو گهٽ ڪورونا شرح وارن ضلعن ۾ تعليمي ادارا کوليا ويندا. پهرين جون کان آئوٽ ڊور شادين لاءِ اوپن ايئر شادي هال کولڻ جي اجازت جو فيصلو ڪندي صرف ڏيڍ سو ماڻهن جي داخلا جي اجازت ڏني وئي آهي. جڏهن ته مزارون، ان ڊور ڊائيننگ، جم ، سينيمائون ۽ پارڪ بدستور بند رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔