اسان جو ڀاءُ مخبر نه هو :ڪراچي ۾ مارجي ويل رتيديري واسي جا وارث’

رتوديرو: ڪراچي ۾ گلستان جوهر واري علائقي پرفيوم چوڪ تي گهر اندر پنهنجي زال فوزيه سميت نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل رتوديرو جي رهواسي 25 ورهين جي جعفر حسين عرف واجد پٽ گدا حسين ابڙو جو تڏو رتوديرو جي محلي شاه لطيف ڪالوني ۾ وڇايو ويو آهي. مقتول جي تڏي تي شهري ۽ رشتيدار پهتل هئا جڏهن ته مقتول جي وارثن ۾ اهڙي واقعي بعد سڪتو طاري ٿيل هو ۽ گھر ۾ ڪهرام متل هو. مقتول جي جنازي نماز سڀاڻي خميس ڏينهن ادا ڪئي ويندي جنهن بعد کيس رتوديرو لڳ ڳوٺ طيب ۾ اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو جڏھن ته سندس جي مقتولا گهر واري کي ڪراچي ۾ دفنايو ويندو. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ عارف حسين ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسڪول ۾ پڙهائڻ کان علاوه پاڻ به مدرسي ۾ پڙهندو هيو منهنجي مقتول ڀاءُ جي پهرين شادي مان کيس هڪ پٽ جي اولاد هئي جيڪا شادي بعد ۾ ٽٽي وئي ۽ مائي پنهنجي پٽ کي پاڻ سان ساڻ کڻي وئي هئي. اسان جي پهرين ڀاڄائي وارن سان فوجي جلباڻي وارن جو واسطو هيو اسان پنهنجي ماروٽ شفقت مڱڻيجو جي معرفت فوجي جلباڻي کي چيو ته اسان کي ننڍڙو واپس ڪرائي ڏيو جتان هن سان منهنجي ڀاءُ جو واسطو شروع ٿيو جنهن بعد هن منهنجي ڀاءُ وٽ ڪراچيءَ ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو، منهنجي ڀاءُ کي سندس جي ڏوهي سرگرمين بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي ڪجھ وقت اڳ ڪراچي ۾ رتوديرو لڳ ڳوٺ يارو جلباڻي جي رهواسي فوجي جلباڻي کي ڪراچي پوليس مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪيو هو، فوجي جلباڻي جي مارجي وڃڻ واري واقعي کان پوءِ هن جي پٽ عذير جلباڻي کي اهو شڪ هو ته منهنجي مقتول ڀاءُ کيس مخبري ڪرائي مارايو آهي پر ان ڳالهه ۾ ڪا به صداقت نه آهي. اهڙين ڳالهين بعد اسان فوجي جلباڻي جي پٽ کي اهو يقين پڻ ڏياريو هو ته اسان جي ڇوڪري ڪا به مخبري ناهي ڪئي اسان توهان سان ان حوالي سان چڱن وٽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون ۽ ٻن ٽن ڏينهن اندر ڳالهيون به ٿيڻون هيون پر گذريل رات دير سان اسان کي اهو اطلاع مليو ته جعفر ۽ سندس جي زال کي قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته ان سلسلي ۾ اسان سان انصاف ڪري منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔