نااهل ترين حڪومت جو رڳو ”ترين“ نڪتو ته اهي گهٻرائجي ويا آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي وزيراعظم صحيح چيو ته سمورا چور گڏ ٿي ويا آهن، پاڪستان جي نااهل ترين حڪومت جو رڳو ترين نڪتو ته اهي گهٻرائجي ويا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ پاڪستان جي ڪپتان ماضي جي حڪومت جي منصوبي جو افتتاح ڪيو، نااهل ترين حڪومت جو ”ترين“ گروپ جي صورت ۾ ڌار ٿي چڪو آهي، جنهن سان وفاق ۽ پنجاب جون حڪومتون خطري ۾ آهن. هن چيو ته 48 ماڻهن جو گروپ قومي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهيو، سوال اهو آهي ته ڇا هاڻ به ڪپتان وٽ اڪثريت آهي؟ وزيراعظم چئي ٿو ته هو ڪنهن جي دٻاءَ ۾ ناهي ايندو پر لڳي رهيو آهي ته جڏهن بجيٽ ويجهو هوندي ته جهانگير ترين جا ڪيس ختم ٿي ويندا. سندس موجب اٽي، کنڊ، دوائن ۽ رنگ روڊ سميت درجن کان وڌيڪ اسڪينڊل ايمانداري جي دعويٰ ڪندڙ عمران خان جي دور جا آهن، تنهن ڪري هاڻ وزيرن کي نه پر پاڻ عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، رنگ روڊ جي صورت ۾ هڪ ٽُڪو قومي ناڻي کي لڳو، جڏهن ته ٻيو ٽُڪو وزيراعظم جي اي ٽي ايمز کي فائدو ڏئي لڳايو ويو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته وزيراعظم صحيح چيو سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، سڀ چور پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاڇي ۾ گڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔