وزيراعظم عمران خان اڄ مهمند ڊيم جو دورو ڪندو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان اڄ مهمند ڊيم جو دورو ڪندو، جتي وزيراعظم ڊيم تي هلندڙ ڪم جو جائزو وٺندو، وزيراعظم آفيس موجب واپڊا چيئرمين مهمند ڊيم منصوبي تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندو، وزيراعظم 2 مئي 2019ع تي ڊيم جو بنياد رکيو هو، ڊيم سوات دريا تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ ٺاهيو پيو وڃي، منصوبو ٻوڏ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو منصوبو پاڻي ذخيرو ۽بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔