پي ٽي آء سينيٽر سيف الله ابڙو پاران نثار کهڙو ۽ ٻين مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو: پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاء ۽ انجنيئر وچ ۾ ٿيل جھيڙي واري معاملي ۾ پي ٽي آء سينيٽر سيف الله ابڙو پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪندي قصوروار انجنيئر کي قرار ڏيندي نثار کھڙو ۽ انجنيئر سميت ٻين تي ايف آء آر داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ ڪوڙا ٽينڊر ٿين ٿا، نيب، ايف آء اي کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪوڙن ٽينڊرن جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي. هن چيو ته اڄ منهنجي ڀاء ۽ منهنجي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي ان جو انهن کي حساب ڏيڻو پوندو ـ معاملي بابت گورنر سنڌ کي آگاھ ڪيو آهي. سيف الله ابڙو چيو ته سڀني کي خبر آهي پي ٽي آء ھاڻي لاڙڪاڻي ۾ مضبوط مضبوط ٿئي پئي، جنهن سبب ھي خوفزدا آهن ۽ سرڪاري آفيسرن کي استعمال ڪري ڀاء مٿان حملو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔