گمشده ماڻهن جو ڪيس: وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي: گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ سنڌ هائڪورٽ ٽن درخواستن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت آءِ جي اسلام آباد کي حڪم ڏنو آهي ته گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ 27 مئي تي کيس عدالت ۾ پيش ڪري. عدالت تحريري حڪم ۾ لکيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري ڪئين ڀيرا پڇڻ باوجود ڪي پي ڪي جي حراستي مرڪزن جي رپورٽ نه ڏني، هو عدالتي حڪمن جي بجا آوري نٿو ڪري ۽ سپريم ڪورٽ جي التويٰ هيٺ پيل ڪيسن پويان لڪي ٿو، وفاقي سيڪريٽري جي لاپته ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪا دلچسپي ناهي جيڪا عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔