حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف ۾ ڏار پئجي ويا، جهانگير ترين گروپ جو باقاعده اعلان

اسلام آباد: حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف ۾ ڏار پئجي ويا، جهانگير ترين گروپ جو باقاعده اعلان، جهانگير ترين گروپ قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊرز به مقرر ڪري ڇڏيا، لاهور ۾ جهانگير ترين گروپ جِي ڊنر وارِي تقريب کانپوءِ عون چوڌري غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي تصديق ڪئي ته، گروپ جو نالو جهانگير ترين هم خيال گروپ رکيو ويو آهي، ايم اين اَي راجا رياض کي قومي اسيمبلي ۽ ايم پي اَي سعيد اڪبر نَوانِي کي پنجاب اسيمبلي ۾ جهانگير ترين هم خيال گروپ جو پارلياماني ليڊر مقرر ڪيو ويو، جهانگير ترين خلاف ڪيس تي سندس گروپ سخت خدشا ظاهر ڪيا هئا، ايم پي اَي نعمان لنگڙيال جو چوڻ آهي ته، اڄ جهانگير ترين جِي عدالت ۾ پيشي آهي، عدالت وڃي جهانگير ترين سان ٻڌي جو ڀرپور اظهار ڪيو ويندو……………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔