پي ٽي آءِ سان گڏ آهيون، پنجاب حڪومت انتقامي ڪارروايون پئي ڪري، آواز اٿارڻ لاءِ گروپ ٺاهيو: جهانگير ترين

لاهور : پ ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته مان واضح چوان ٿو ته تحريڪ انصاف جو حصو هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، پنجاب حڪومت انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، پنجاب حڪومت طرفان دٻاءُ وجهڻ تي اسيمبلي ۾ پنهنجو آواز اٿارڻ لاءِ گروپ ٺاهيو آهي، عمران خان انصاف پسند ماڻهو آهي اميد آهي ته هو اسان کي انصاف ڏيندو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ايف آءِ اي کي چيو ويو آهي ته جاچ مڪمل ڪئي وڃي، اسان کي جيڪا به شئي گهري وئي اسان فراهم ڪئي ۽ ايف آءِ اي کي مڪمل مني ٽريل به ڏني آهي، ڪنهن به ايف آءَ آر ۾کنڊ جو ذڪر ناهي، کنڊ مافيا اسڪينڊل سان ڪو به واسطو نه آهي، جهانگير ترين جو چوڻ هو ته اسان کي هاڻ اسيمبليز ۾ڳالهائڻو آهي، نجاب حڪومت جو اسان سان رويو اڻوڻندڙ آهي، پنجاب حڪومت طرفان آفيسرز جون بدليون ڪيون پيون جيڪا اسان جي ميمبرز سان انصافي آهي، هي ايم پي ايز به توهان جا ماڻهو آهن، هنن ڪري توهان چيف منسٽر ٿيا آهيو، اسان ڪو به فار ورڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون، هن چيو آهي ته منهنجي خلاف ايف آءِ تي منهنجا دوست گڏ بيٺا آهن، جڏهن وزيراعظم سان مليا ته وزيراعظم علي ظفر کي چيو ته توهان ايف آءِ اي ۽ اسان جي ماڻهن سان به ملو، انصاف ڪيو ۽ حقيقتون سامهون آڻيو، علي ظفر سان اسان جي وڪيلن جي گڏجاڻي ٿي، اميد آهي ته ان جي رپورٽ جلد منظر عام تي ايندي يا وزيراعظم ڏانهن هلي ويندي. هن چيو آهي ته اسان حڪومت سان گڏ آهيون، هن ڪو به شڪ نه ٿيڻ گهرجي، الڳ ماڻهو هر پارٽي ۾ هوندا آهن، اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ان ڪري پنهنجو موقف بيان ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔