روس ۾ سڀ کان وڏو هيرو نيلامي لاءِ تيار

ماسڪو : روس ۾ سڀ کان وڏو هيرو نيلامي لاءِ تيار ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب روس ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو هيرو تيار ڪيو ويو آهي، ماسڪو ۾ 100.94 قيراط سان اهو هيرو تيار ڪيو ويو، الروزا اسپيڪٽڪل هيري جو اگهه 13 کان 19 ملين ڊالر رکيو ويو آهي جڏهن ته هيري جي نيلامي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ جنيوا ۾ ٿيندي. نيلامي گهر جي زيورن واري شعبي جي ماهر مريم سيسل جو چوڻ آهي ته خوبصورت ڊي ربگين هيروٿلهي پٿرمان گهڙيوويو جڏهن ته ان ٿلهي پٿر کي ڪٽڻ ۽ گهڙڻ ۾ سال 8 مهينا لڳي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته ان کي سرگئي ڊياگليف جو کر درا هيرو به سڏيو وڃي ٿو ۽ ان کي کوٽائي 2016 ۾ ڪئي وئي هئي، هن چيو ته وڏي محنت سان تياري سبب اهو هيرو هاڻي خوبصورت شڪل ۾ اچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔