شهباز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مذاق آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ن ليگ جي صدر شهباز شريف کي لاهور هائڪورٽ پاران پرڏيهه وڃن جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مذاق آهي. هن چيو ته ابهڙي طرح سندس فرار ٿيڻ بدقسمتي هوندو، شهباز شريف ان کان اڳ نواز شريف جي واپسي جي به ضمانت ڏئي چڪو هو، سوال اهو آهي ته شهباز شريف جي ان ضمانت جو ڇا ٿيو؟ هن چيو ته شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مشڪري آهي، ايترو تڪڙ ۾ ته پنچايت ۾ به فصلا ناهن ٿيندا. فواد چوڌري چيو ته فيصلي خلاف سمورا قانوني رستا اختيار ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔