ڪشميري حريت اڳواڻ اشرف صحرائي ڀارتي قيد ۾ فوت ٿي ويو

سري نگر: ڪشمير جي حريت تحريڪ جو اڳواڻ محمد اشرف صحرائي ڀارتي قيد ۾ فوت ٿي ويو
حريت ڪانفرنس جي ترجمان شيخ عبدالمتين ٻڌايو تهه ڄمون ڪورٽ بلوال جيل ۾ اسير اڳواڻ علاج جي سهولت نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ هڪ اڳواڻ کان محرون ٿي وئي.
محمد اشرف صحرائي گذريل ٻن ساڪلن کان ڪورٽ بلوال جيل ۾ قيد هو، مسلسل قيد ۽ صحت جون سهولتون نه ملڻ ڪري هو شديد عليل ٿي ويو هو، جيل ۾ طبيعت تمام خراب هجڻ ڪري ڀارتي قابض انتظاميا صرف هڪ ڏينهن اڳ هن کي اسپتال منتقل ڪيو هو.
ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ محمد اشرف صحرائي جو پٽ جنيد صحرائي به ڀارتي قابض فوج جي حراست ۾ شهيد ٿي ويو هو، ڀارتي جيل ۾ ٻين اسيرن جون پڻ زندگيون خطري ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔