اڳوڻو آسٽريلين ٽيسٽ ڪرڪيٽر مڪ گل اغوا بعد آزاد

سڊني:آسٽريليا جي اڳواڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسٽيورٽ مڪ گل کي ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪيو ويو بعد ۾ کيس تشدد جو نشانو بڻائي آزد ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريلين پوليس جو چوڻ آهي ته 14 اپريل تي 3 ڄڻن اڳوڻي ليگ اسپنر اسٽيورٽ مڪ گل کي هڪ انٽرسيڪشن تي روڪيو ۽ گاڏي ۾ پاڻ سان کڻي ويا.
پوليس موجب اغوا ڪندڙ هن کي شهر کان ٻاهر هڪ جاءِ تي کڻي ويا جتي مٿس تشدد ڪيو ويو، استري سان ساڙيو ويو، ڌمڪيون ڏنيون ۽ پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ بعد سڊني ۾ اربع جي ڏينهن صبح جو آپريشن ڪري 4 هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي عمر 27 کان 46 سالن تائين آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔