آمريڪي فوج جي نه نڪرڻ تي طالبان جا حملا شروع

ڪابل: مهلت ختم ٿيڻ باجوجود افغانستان مان آمريڪي فوج جي نه نڪرڻ تي طالبان هلمند صوبي ۾ افعانستان فورسز تي حملن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
هلمند جي صوبائي ڪائونسل جي سربراهه عطاء الله افغان چيو آهي ته طالبان مختلف پاسن کان حملا ڪيا آهن، هنن صوبي جي راڄڌاني لشڪر گاهه جي ڀرپاسي ۾ چوڪين تي حملا ڪيا جن مان ڪجهه تي قبضي ۾ ڪامياب ٿيا.
افغان جي هوائي جهازن چوڪين تان طالبان جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ هوائي حملا ڪيا آهن ۽ انهن علائقن ۾ ايليٽ ڪمانڊو فورس مقرر ڪئي وئي آهي، هلمند ۾ شديد جهڙپون جاري آهن جنهن ڪري اتان جي آبادي لڏڻ تي مجبور ٿي وئي آهي ۽ هن وقت تائين هڪ هزار ڪٽنب پنهنجا گهر ڇڏي وڃي چڪا آهن.
ان کان علاوه ڪابل شهر ۾ طبي عملي جي بس تي بم حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔