آڪسيجن ۽ ان جو سامان درآمد ڪرڻ لاءِ 1 ارب 80 ڪروڙ رپين جي منظوري

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) آڪسيجن ۽ ان جي تياري بابت سامان درآمد ڪرڻ لاءِ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آڪسيجن ۽ ان جي تياري بابت سامان درآمد ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. خانگي بجلي گهرن کي 90 ارب رپين جي رهتن جي پهرين قسط جاري ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي جنهن سان لڳ ڀڳ 60 ارب رپين جي ادائيگين جا ڪيس نيب وٽ موجود ڪيسن جو فيصلو ٿيڻ کان پوءِ جاري ٿينديون. اي سي سي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ تعمير ڪرڻ لاءِ 57 ڪروڙن جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته بچاءَ واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويزن ۽ ٻين لاءِ ٽيڪنيڪي ننڍي گرانٽ جي منظوري به ڏني وئي. فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ جي لاءِ 1 ارب 56 ڪروڙ جي منظوري کان سواءِ گڏيل قومنجي ٺهرائن موجب زرعي شين جي برآمدات جي پاليسي جي منظوري ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔