اسان کي هر صورت ۾ ڀارت جهڙي ڪورونا حالتن کان بچڻو آهي: پنجاب جو گورنر

لاهور: پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته اسان کي هر صورت ۾ ڀارت جهڙي صورتحال کان بچڻو آهي ان ڪري ايس او پيز ۾ ڪوتاهي تي ڪير به رعايت جو حقدار ناهي. لاهور جي گورنر هائوس ۾ ورلڊ فائر فائٽرز ڊي جي حوالي سان تقريب ٿي جنهن ۾ پنجاب جي گورنر شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ خاص وال جي قيام جو اعلان ڪيو جڏهن ته ريسڪيو 1122 جي شهيد اهلڪارن لاءِ شهيد فنڊ جي قيام جو به فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چيو ته وس وارن ماڻهن سان گڏجي ريسڪيو 1122 جي شهيد اهلڪارن جي خاندانن جي مدد ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔