وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت ٻه آرڊيننس منظور ڪري ورتا

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت ٻن آرڊيننسز جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا ٻه آرڊيننس منظور ڪيا آهن، جنهن تحت اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ڪري سگهندي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جي سهولت جو بندوبست ڪندي. هن ٻڌايو ته اسان چاهيون ٿا سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي، ن ليگ ۽ پ پ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نه ٿيون چاهين، اميد ته بلاول ۽ شهباز شريف خوش هوندا، ڇو ته اهي مطالبو ڪري رهيا هئا ته اليڪشن ڪميشن کي اهو رول ڏنو وڃي، هاڻ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي اهو رول ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته اهي ماڻهو پارليامينٽ جو ڪردار ناهن ڏسندا، سمهي اٿندا آهن ۽ عمران خان خلاف بيان بازي ڪندا آهن، بلاول ۽ مريم جي صورت ۾ نابالغ سياست اسان تي مڙهيل آهي پر انهن وٽ به ٻه کان ٽي سال ئي آهن. فواد چوڌري موجب ڪراچي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي سڄي ملڪ کي نقصان ٿي سگهي ٿو، اينٽي ويڪسين لابي رڳو پاڪستان ۾ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ سرگرم آهي، جيڪي ماڻهو ويڪسين لڳرائيندا اهي وائرس کان محفوظ رهندا، 40 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسينيشن شروع ڪئي وئي آهي، جولاءِ تائين اڍائي ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف آهي. وفاقي وزير چيو ته پنهنجي اندرين معاملن ۾ يورپي يونين جي ڪنهن ٺهراءَ کي اهميت نٿا ڏيون، وزيراعظم چيو آهي ته ناموس رسالت صه تي ڪو سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، يورپي يونين جي ٺهراءَ جو اثر پاڪستان ۾ اندرين معاملن تي نه پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔