وزيراعظم جي عيد تي ايس او پيز تي سختي سان عمل جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو ويندو ۽ عوامي ضرورتن جي ترقياتي منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت ڪورونا وائرس جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عيد جي موقعي تي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو ويندو ۽ عوامي ضرورتن جي ترقياتي منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي، ترقياتي ڪمن سان معاشي سرگرمين ۾ واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔