سال 2021 خطرناڪ سال، عمران خان اوچتو اسيمبليون ٽوڙيندو: منظور وساڻ

ڪراچي: پنهنجي خوابن ۽ سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته 2021ع خطرناڪ سال آهي ۽ عمران خان اوچتو اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ جو چوڻ هو ته عوام جو عمران خان تي اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، مون پهرين ئي چيو هو ته عمران خان کي آڻيندڙ به پريشان آهن ۽ عمران خان به پريشان آهي. منظور وساڻ جو چوڻهو ته 2021ع سال خطرناڪ آهي، عمران خان اوچتو اسيمبليون ٽوڙن جو اعلان ڪندو، 2023ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو مقابلو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔