عيد جي موڪلن دوران ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اين سي او سي 8 کان 16 مئي تائين واپاري مرڪز، دڪان ۽ سياحتي ماڳ بند ڪرڻ واري اعلان تي عملدرآمد لاءِ مانيٽرنگ ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير اسد عمر ۽ قومي آرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم جي صحت بابت خاص مددگار فيصل سلطان به خاص شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عيد جي موڪلن دوران (8 کان 16 مئي) دوران ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تحت ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي به عوام کي وڃڻ کي اجازت نه هوندي، پر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي رهواسين کي واپس وڃڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته پيٽرول پمپس، ميڊيڪل اسٽورز، گروسري اسٽورز، بيڪري ۽ فوڊ آئٽمز جي دڪانن کي ڇوٽ حاصل هوندي. وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي قائم ٿيل مانيٽرنگ ٽيمون ڄاڻايل سمورن حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔