پي پي 84 خوشاب ۾ ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

خوشاب: خوشاب جي تڪ پي پي 84 ۾ ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ مهم ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن سياسي جماعت يا اميدوار کي هاڻ مهم هلائڻ جي اجازت ناهي، ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ٿيندي. سڀاڻي ٿيندڙ چونڊ ۾ 2 لک 92 هزار 687 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا، جنهن لاءِ 229 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن ۽ 43 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. چونڊ جي موقعي تي امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ 500 رينجرز جا جوان ۽ 2800 پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا. واضح رهي ته پي پي 84 جي سيٽ لاءِ ن ليگ، تحريڪ انصاف ۽ پ پ سميت 8 اميداور ميدان ۾ آهن، اها سيٽ ن ليگ جي ملڪ وارث ڪلو جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔