شڪايت بنا تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ نئين روايت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شڪايت بنا سڄي تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ هڪ نئين روايت آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2018 ۾ ڪيترين ئي سيٽن تي ڪاميابي جي شرح 5 سيڪڙو هجڻ باوجود ٻيهر ڳڻپ جو موقعو نه ڏنو ويو. هن چيو ته پ پ ان نئين روايت جي آجيان ڪري ٿي، نئين روايت سامهون اچڻ کانپوءِ اسان 2018 جي انهن تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ تي غور ڪنداسين، جتي ڪاميابي جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔