ناڻي واري وزير پ پ جي موقف جي حمايت ڪئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مان سمجهان ٿو وزيراعظم اسيمبليون نه ٽوڙيندو، ڇو ته اها غلطي ۽ اها سليڪشن ٻيهر نه ٿيندي. صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم هيلي ڪاپٽر ۾ سفر ڪندو آهي، هاڻ هو روڊ تي سفر ڪرڻ لڳو آهي، هو پهريون ڀيرو بازار نڪتو ته ويڊيو ۽ تصويرن ۾ ڪو خريدار نظر نه آيو، ان جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، هڪ ته مهانگائي گهڻي آهي ۽ ماڻهو خريداري نٿا ڪري سگهن، ٻي اها ته ڪنهن کي بازار اچڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته سڄي قوم وزيراعظم مان پريشان آهي، شوڪت ترين صحيح چيو ته بجلي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو غلط هو، ڇو ته انهن کي بجلي اگهن ۾ اڃا واڌ ڪرڻي آهي ۽ عمران خان پاڪستان جي عوام کي روئاري رهيو آهي، وزيراعظم صاحب سڀ بهتر ناهي. سندس موجب وفاقي حڪومت چوندي هئي ته معيشت کي بهتر ڪيو آهي ۽ پ پ چوندي هئي ته معيشت بهتر نه پئي ٿئي، هاڻ ناڻي واري وزير پ پ جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، ضمني چونڊن ۾ عوام انهن کي ووٽ نه ڏئي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔