چونڊ سڌارن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ واري تجويز ٻاراڻي آهي:شھزاد اڪبر

اسلام آباد : چونڊ سڌارن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ واري تجويز ٻاراڻي آهي، ائين ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي قانون ۾ سڌارن جي ذميواري به اُنهن ئي ادارن کي ڏني وڃي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر جي نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي تجويز کي ٻاراڻي قرار ڏئي ڇڏيو، شهزاد اڪبر چيو آهي ته افسوس آهي جو ڏهاڪن کان پارليامينٽ ۾ هجڻ باوجود اهي ماڻهو بُنيادي ڪم سمجهڻ کان قاصر آهن، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهزاد اڪبر جي تجويز ڏاهپ واري آهي، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي راءِ موجب چونڊ سڌارن ۾ پارليامينٽ جو ڪوبه ڪردار نه آهي، چونڊ سڌارا اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻا آهن ته نيب قانون ۾ سڌارن وارو ڪم نيب کي ڪرڻ ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔